استعمالي جاميٽري

استعمالي جاميٽري (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ صادق علي مرزا آهي، جنهن تعليم کاتي ڪراچيءَ جي تعاون سان هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترتيب ڏنو. 150 صفحن جو هيءُ ڪتاب ليٿو ۾ ڇپيو ۽ هن جون 500 ڪاپيون ڇپيون. ڪتاب جي قيمت ان وقت جي لحاظ سان 7 آنا رکيل آهي. هيءُ ڪتاب، ڪمشنر جي ڇاپخاني ڪراچيءَ مان 1888ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو